تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڄامشوري ۾ فارميسي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ڪلاسن جي سهولت نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڄامشوري ۾ فارميسي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ڪلاسن جي سهولت نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڪاشف ڄامڙي، معظم کوسي، ڪومل سيد، ثناءَ ڪلثوم، صدف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ايڊمنسٽريشن بلڊنگ آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فارميسي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ست مهينا گذرڻ باوجود ڪلاسن جي سهولت ناهي ملي سگهي، ڪڏهن ڪنهن جي ڪلاسن ۾ ته ڪڏهن پارڪ ۾ انتظار ڪرايو پيو وڃي.

هنن چيو ته هو لکين رپيا في ڀري آيا آهن پر هتي ڪلاس به موجود نه آهي، ڊين فيڪلٽي نعيم ناريجو ۽ شعبي جي چيئرمين ذوالفقار لغاري وٽ بار بار ويا آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي.

سندن چوڻ هو ته ڊين فيڪلٽي شاگردن سان بدتميزي ڪري کين آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فارميسي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪلاسن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
41 %
2kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون