تازه ترين

چيمپئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

چيمپئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪيويز مقرر اوورن ۾ رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان ٽام ليٿم ۽ وِل يونگ شاندار سنچريون هيون ۽ فلپس ففٽي هنئي.

پاڪستان طرفان نسيم شاهه  ۽ حارث رئوف 2-2،  ابرار احمد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڪيويز طرفان مليل 321 رنسن جي حدف جي جواب ۾ قومي ٽيم 47 ڏهائي 2 اوورن ۾ 260 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات سستيءَ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بيٽر دٻاءُ ۾ اچي وڪيٽون وڃائيندا رهيا.

قومي ٽيم طرفان خوشدل شاهه 69، بابر اعظم 64 ۽ سلمان آغا 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

ڪيويز طرفان  مچل سيٽنر ۽ او روڪيَ 3-3، ميٽ هينري 2، فپلس ۽ سمٿ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ 23 فيبروري تي روايتي حريف ڀارت سان کيڏندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون