تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڌرتي ڌڻين ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏيندا:ڊاڪٽر قادر مگسي

- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته درياهه مان ڪينال نڪتا ته سنڌ ۾ انسان ۽ پکي پکڻ مري ويندا، ڌرتي ڌڻين ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏيندا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪينالن خلاف جاڳرتا ريلي ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ مختلف شهرن ۾ پهتي. ايس ٽي پي جي جاڳرتا ريلي ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ چمبڙ پهتي جتي جلسو منعقد ڪيو ويو. ان کان اڳ ڊاڪٽر قادر مگسي قافلي جي صورت ۾ شيخ ڀرڪيو پهتو، جتي ڪارڪنن پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ريلي مختلف شهرن کان ٿيندي ٽنڊو الهيار پهتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قادر مگسي چيو ته جيڪڏهن ڪينال نڪتا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي. هن چيو ته هو ڪينالن خلاف جاڳرتا مهم هلائي رهيا آهن، هن معاملي تي سڀني کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ماڻهن وٽ درياهه کانسواءِ ڪجهه به ناهي، اهو به کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڻي واري معاملي تي سنڌ جا ماڻهو اڳ به جدوجهد ڪندا رهيا آهن، هاڻي به ڪندا . ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ واسي ڪينالن خلاف 24 فيبروري تي حيدر چوڪ تي گڏ ٿيندا. ايس ٽي پي سربراهه چيو ته ڪينالن خلاف اسلام آباد به وڃي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿو ته وزيراعظم ڏندجي ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
16 %
5.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون