- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته درياهه مان ڪينال نڪتا ته سنڌ ۾ انسان ۽ پکي پکڻ مري ويندا، ڌرتي ڌڻين ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏيندا.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪينالن خلاف جاڳرتا ريلي ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ مختلف شهرن ۾ پهتي.
ايس ٽي پي جي جاڳرتا ريلي ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ چمبڙ پهتي جتي جلسو منعقد ڪيو ويو.
ان کان اڳ ڊاڪٽر قادر مگسي قافلي جي صورت ۾ شيخ ڀرڪيو پهتو، جتي ڪارڪنن پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ريلي مختلف شهرن کان ٿيندي ٽنڊو الهيار پهتي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قادر مگسي چيو ته جيڪڏهن ڪينال نڪتا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي.
هن چيو ته هو ڪينالن خلاف جاڳرتا مهم هلائي رهيا آهن، هن معاملي تي سڀني کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ماڻهن وٽ درياهه کانسواءِ ڪجهه به ناهي، اهو به کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
هن چيو ته پاڻي واري معاملي تي سنڌ جا ماڻهو اڳ به جدوجهد ڪندا رهيا آهن، هاڻي به ڪندا .
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ واسي ڪينالن خلاف 24 فيبروري تي حيدر چوڪ تي گڏ ٿيندا.
ايس ٽي پي سربراهه چيو ته ڪينالن خلاف اسلام آباد به وڃي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿو ته وزيراعظم ڏندجي ويندو.- Advertisement -
