تازه ترين

ڪارساز سانحو انهن قوتن جي ناڪامي جي علامت آهي جيڪي عوام جي آواز کي دٻائڻ چاهين ٿيون: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2007ع جو ڏهاڙو پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن پر لازوال باب آهي. ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو 8 ورهين جي جلاوطني کانپوءِ وطن واپس آئي، سڄي ملڪ مان لکين جيالا سندس آجيان لاءِ ڪراچي پهتا هئا. سندس چوڻ هو ته قافلي تي دهشتگرد حملي ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن جي شهادت کانپوءِ شهيد بي بي پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ عوام سان گڏ بيٺل رهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪارساز سانحو انهن طاقتن جي ناڪامي جي علامت آهي جيڪي عوام جو آواز دٻائڻ چاهن پيا، پ پ ڪارساز سانحي کانپوءِ به جمهوريت، آئين ۽ عوامي حق حڪمراني جي جدوجهد جاري رکي جيڪا اڄ به پارٽي جو بنياد آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ هميشه عوامي طاقت تي يقين رکي ٿي ۽ جمهوريت جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪارساز سانحي جا شهيد قوم جا هيرو آهن، سندن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، هو پاڪستان جي جمهوري تاريخ جي سنهري باب جو حصو آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون