ڪراچيءَ ۾ ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڪارروائي دوران منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪري منشيات ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪندي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
سينٽرل ضلعي ۾ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ٽيم ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران منشيات وڪرو ڪندڙ محمد احسن حنان کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدار وٽان 76 ڏهائي 5 ڪلو ڪوڪين، هڪ هزار 50 گرام آئس ۽ اڻ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.
گرفتار جوابدار محمد احسن حنان خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.