تازه ترين

ڪراچي جي علائقي ڪارساز حادثي جي مک جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت منظور

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ڪراچي جي علائقي ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائڪ موقف اختيار ڪيو ته نتاشا جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست منظور ٿي چڪي آهي، هن ڪيس ۾ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته جڏهن جوابدار نتاشا گاڏي هلائي رهي هئي ته هوءَ نشي جي حالت ۾ هئي. وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ به شڪ آهي، ڇو ته رت ۾ ميٿا فيٽا مائن موجود ناهي پر يورين ۾ موجود هئي. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته يورين ۾ ميٿا فيٽا مائن جو ڪيترو مقدار موجود هو، سرڪاري وڪيل چيو ته مقدار بابت ميڊيڪل رپورٽ ۾ مينشن ناهي ڪيو ويو. وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اها به وڏي ڳالهه آهي ته هن ڪيس ۾ متاثر طرفان جوابدار نتاشا سان ٺاهه ٿي ويو آهي. عدالت چيو ته جوابدار نتاشا ٽن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ گذريل ڏيڍ مهيني کان جيل ۾ آهي. عدالت نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
59 %
4.1kmh
50 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °
سُومر
30 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون