تازه ترين

ڪلوئي: پورهيت کي سڱاوتي تڪرار تان مبينا طور تي باهه ڏئي ساڙيو ويو

- Advertisement -
ڪلوئي ڀرسان انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، ڳوٺ ڪي ٽي ۾ مبينا طور تي بااثر جي چرچ تي پورهيت کي سڱاوتي تڪرار تان باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيو ويو آهي. مبينا طور تي باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيل پورهيت جي پٽ ربڏنو ڪپري جو چوڻ هو ته سندس والد حڪيم ڪپري کي عزيزن طرفان اولاد لاءِ سڱ ڏنا ويا بعد ۾ بااثر وڏيري پاران ڌمڪائي مڱڻيون ٽوڙايون ويون. پورهيت پاران کوسڪي ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي وئي جنهن بعد وڏيري مداخلت ڪري معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ساڻن وڏيري ظلم جي انتها ڪئي آهي مائٽن کي استعمال ڪري والد کي باهه ڏئي ساڙي قتل ڪرايو ويو آهي، پوليس ڪوبه ايڪشن ناهي ورتو. ساڙي قتل ڪيل پورهيت جي والد علي محمد ڪپري جو چوڻ هو ته سندس پٽ کي ساڙي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
36 %
1.2kmh
34 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون