- Advertisement -
اوٿل بلوچستان واري علائقي ۾ ڪوسٽ گارڊ ڪارروائي ڪري وڏي مقدار ۾ اعليٰ معيار جو چرس هٿ ڪري ورتو.
ڪوسٽ گارڊز ڳجهي اطلاع تي اوٿل بلوچستان جي گڊاني واري علائقي ۾ آپريشن ڪري هڪ عمارت ۾ لڪايل اعليٰ ڪوالٽي جو 200 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو.
ڪوسٽ گارڊز ترجمان موجب ضبط ڪيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 3.3 ملين ڊالر آهي، شڪ آهي ته منشيات ملڪ جي اندرين علائقن ۾ سپلاءِ ڪئي پئي وڃي.
پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي ڊائريڪٽر جنرل آفيسرن ۽ جوانن جي ڪوششن کي ساراهيندي مستقبل ۾ به اهڙيون ڪارروايون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.- Advertisement -
