- Advertisement -
باڊهه ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
يارو لاکير لاڙي وٽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري راڌڻ واسي جوابدار عابد علي جوڻيجو کي گرفتار ڪري لوڊر رڪشا مان 2 سئو ڪلوگرام ڀنگ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
پوليس جو چوڻ هو ته پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري جوابدار عابد جوڻيجو کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.- Advertisement -
