پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪو جيل کان بچڻ ته ڪو نڪرڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، پيپلزپارٽي عوام خاطر ميدان ۾ آهي، پنجاب جا سياستدان بيمار ٿيڻ تي علاج ڪرائڻ ٻاهر هليا ويندا آهن، هو صوبي جي ضلعي ۾ صحت جون مفت سهولتون ڏيارڻ چاهي ٿو.
لاهور جي علائقي تاند ليانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين هڪ ڀيرو وري جيالي جي وڏو وزير ۽ وزيراعظم بڻائڻو آهي، ان لاءِ هو پنجاب جي عوام جو ساٿ گهرڻ آيو آهي.
هن چيو ته هو پاڪستان جي عوام جي قسمت تبديل ڪندا، ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي، مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻين سياسي پارٽين وٽ ڪو منشور ناهي، هو عوام لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا کڻي آيا آهن، پ پ اقتدار ۾ آئي ته 10 نقطن تي عمل ڪيو ويندو.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪو جيل کان بچڻ ته ڪو نڪرڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، پيپلزپارٽي عوام خاطر ميدان ۾ آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيالا گهر گهر وڃي ٻڌائن ته پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچي پگهارون ٻيڻيون ڪندي، 300 يونٽ مفت بجلي ملندي، پ پ حڪومت ۾ معياري تعليم مفت هوندي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب جا سياستدان بيمار ٿيڻ تي علاج ڪرائڻ ٻاهر هليا ويندا آهن، هو چاهي ٿو ته پنجاب جي هر ضلعي ۾ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
پ پ چيئرمين چيو ته نفرت، ورهائڻ ۽ پراڻي سياست دفن ڪري نئين سوچ کڻي اچڻي آهي، نئين سوچ سان مسئلن جو مقابلو ڪيو ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ساٿ ڏنو ته فتح ان جي ئي ٿيندي، پ پ سنڌ ۾ غريبن جي خدمت ڪري رهي آهي، پنجاب مان به غربت جو خاتمو ڪندي