تازه ترين

ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي

- Advertisement -
ڪي اليڪٽرڪ پاڪستان ريلوي پاران بل ادا نه ڪرڻ تي بجلي بند ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب پاڪستان ريلوي پاران بقايائون ادا نه ڪرڻ سبب کين بجلي جي فراهمي جاري نه ٿي رکي سگهجي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ريلوي جي 31 ڪنيڪشنز تي واجب الادا بل جي رقم 43 ڪروڙ رپيا آهي، ريلوي فوري طور تي بقايا ادا ڪري، ادائيگي کانسواءِ بجلي جي فراهمي جاري نٿي رکي سگهجي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب ريلوي جي بجلي بند ڪرڻ کان اڳ بلن جي ادائيگي بابت ياد ڏياريندي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس جاري ڪيا ويا. ريلوي اختيارين بجلي جي بلن جي ادائيگي جو يقين ڏياريو آهي پر اڃا تائين ادائگي ناهي ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون