- Advertisement -
ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او عورت کي هيسائڻ واري ڪيس ۾ 25 لک رپيه ڏنڊ جي رقم سنڌ هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
مونس علوي سنڌ هائيڪورٽ جي ناظر جي اڪائونٽ ۾ 25 لک رپيا ڏنڊ جي رقم جمع ڪرائي.
سنڌ هائيڪورٽ، صوبائي محتسب اعليٰ طرفان مونس علوي تي عهدي تان هٽائڻ وارو حڪم عارضي طور مڪمل ڪيو هو.
سنڌ هائيڪورٽ صوبائي محتسب اعليٰ جي حڪم تحت ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي ڏنڊ جي رقم جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو،
صوبائي محتسب اعليٰ عورت کي هيسائڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مونس علوي کي عهدي تان هٽائڻ ۽ 25 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.- Advertisement -
