گڏيل عرب امارتن، فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کانسواءِ اسرائيل جي ڪنهن منصوبي جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

spot_img
گڏيل عرب امارتن، فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کانسواءِ اسرائيل جي ڪنهن منصوبي جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير عبدالله بن زيد النهيان جو چوڻ آهي ته فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن منصوبي جي حمايت نه ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير عبدالله بن زيد النهيان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته گڏيل عرب امارتن غزه ۾ جنگ بعد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن منصوبي جي حمايت لاءِ تيار نه آهي. اسرائيل طرفان 7 آڪٽوبر 2023ع تي شروع ڪيل غزه جنگ ۾ هن وقت تائين 41 هزار کان 182 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 95 هزار 280 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته حماس جي حملي ۾ مجموعي طور هڪ هزار 139 اسرائيلي مارجي ويا هئا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون