تازه ترين
سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي : آءِ جي سنڌ شڪارپور جي عدالت چرس رکڻ جي ڏوھه ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي سگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل گڏيل جوائنٽ انويٽيگيشن جو اجلاس نوابشاه... ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ا... غزه تي پاڪستان ۽ ايران جو موقف ساڳيو آهي، پرڏيهي آفيس پنجاب حڪومت طرفان ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ائير ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيص... ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي : خواجا سعد رفيق پاڪستان خطي ۾ سڀ کان اهم شراڪت دارن مان هڪ آهي، آمريڪا جو پاڪستان سان مضبوط رشتو آهي : ويدانت پٽيل

خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگي شعبي حوالي ڪيو ويندو :محمد اورنگزيب

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهن، آءِ ايم ايف سان مائيڪرو اڪنامڪ اسٽيبلٽي کي جاري رکيو ويندو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو معاشي استحڪام لاءِ اهميت رکي ٿو، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو بهتر آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.

ڪراچيءَ ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته 14 ۽ 15 اپريل تي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿينديون، واشنگٽن ۾ جلد آءِ ايم ايف اختيارين سان ملاقات ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته بهتر معاشي پاليسين سبب جلد معيشيت مستحڪم ٿيندي، نگران حڪومت معيشيت جي بهتري لاءِ بهتر قدم کنيا.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهن، آءِ ايم ايف سان مائيڪرو اڪنامڪ اسٽيبلٽي کي جاري رکيو ويندو، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو معاشي استحڪام لاءِ اهميت رکي ٿو.

هن چيو ته معاملا ڏسي ڪري لڳي رهيو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ صحيح رخ ۾ وڃي رهيو آهي، خوشي آهي ته هو ان وقت مارڪيٽ ۾ آيو جڏهن مارڪيٽ رڪارڊ ٺاهي رهيو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته زرعي شعبي ۾ 5 سيڪڙو جي گروٿ آهي، چانور ۽ ڪڻڪ جي بهتر پيداوار ٿي آهي، ايف بي آر ۾ سڌارن لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر ۾ ٽيڪس ليڪجز کي روڪڻو آهي، هڪ کرب، 7 ارباوڳاڙي جا ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته ٽن مهينن ۾ فيصلا ٿي وڃن.

محمد اورنگزيب چيو ته توانائي جي شعبي ۾ به سڌارن جي ضرورت آهي، بجلي چوري کي روڪڻو پوندو، ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ ايڊوانس مرحلي تي آهي، ڊسڪوز کي پرائيويٽائيزيشن طرف وٺي وڃڻو آهي، بينڪنگ سيڪٽر ۾ بهتري اچي رهي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته رمضان پيڪيج کي ساڍا ست ارب مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪيو ويو، پي آءِ اي کي خانگاهڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن، خانگاهڻ جو پروگرام عليم خان اڪيلو نٿو ڪري سگهي ٻين وزارتن کي به گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
46 %
2.9kmh
12 %
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
20 °
اڱارو
22 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون