شرجيل ميمڻ جي هدايت تي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ٽيم جو ملير ۾ آپريشن

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سندن نوجوانن کي منشيات جي لعنت خلاف متحرڪ ٿيڻ گهرجي، بيداري، آگاهي ۽ فعال شموليت کي هٿي وٺرائي، هو پنهنجي معاشري جو تحفظ يقيني بڻائي سگهن ٿا، منشيات کان پاڪ معاشري جي تعمير لاءِ هر ماڻهو جو ڪردار اڻٽر آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ٽيم  ملير ۾ ڪامياب آپريشن ڪيو. ملير ڪينٽ روڊ تي فاطمه جناح پارڪ ويجهو ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم   منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن ڪيو آهي. آپريشن دوران منشيات وڪرو ڪندڙ گل رحمان ۽ عبدالقدير  کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ساڍا ڏهه ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران منشيات خلاف ڪامياب آپريشن تي ٽيم کي واڌايون ڏنيون ويون آهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سندن نوجوانن کي منشيات جي لعنت خلاف متحرڪ ٿيڻ گهرجي، بيداري، آگاهي ۽ فعال شموليت کي هٿي وٺرائي، هو پنهنجي معاشري جو تحفظ يقيني بڻائي سگهن ٿا، منشيات کان پاڪ معاشري جي تعمير لاءِ هر ماڻهو جو ڪردار اڻٽر آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون