تازه ترين
سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي : آءِ جي سنڌ شڪارپور جي عدالت چرس رکڻ جي ڏوھه ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي سگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل گڏيل جوائنٽ انويٽيگيشن جو اجلاس نوابشاه... ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ا... غزه تي پاڪستان ۽ ايران جو موقف ساڳيو آهي، پرڏيهي آفيس پنجاب حڪومت طرفان ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ائير ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيص... ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي : خواجا سعد رفيق پاڪستان خطي ۾ سڀ کان اهم شراڪت دارن مان هڪ آهي، آمريڪا جو پاڪستان سان مضبوط رشتو آهي : ويدانت پٽيل

شرجيل ميمڻ جي هدايت تي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ٽيم جو ملير ۾ آپريشن

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سندن نوجوانن کي منشيات جي لعنت خلاف متحرڪ ٿيڻ گهرجي، بيداري، آگاهي ۽ فعال شموليت کي هٿي وٺرائي، هو پنهنجي معاشري جو تحفظ يقيني بڻائي سگهن ٿا، منشيات کان پاڪ معاشري جي تعمير لاءِ هر ماڻهو جو ڪردار اڻٽر آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ايڪسائيز نارڪوٽڪس ٽيم  ملير ۾ ڪامياب آپريشن ڪيو.

ملير ڪينٽ روڊ تي فاطمه جناح پارڪ ويجهو ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيم   منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن ڪيو آهي.

آپريشن دوران منشيات وڪرو ڪندڙ گل رحمان ۽ عبدالقدير  کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ساڍا ڏهه ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو.

گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران منشيات خلاف ڪامياب آپريشن تي ٽيم کي واڌايون ڏنيون ويون آهن.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سندن نوجوانن کي منشيات جي لعنت خلاف متحرڪ ٿيڻ گهرجي، بيداري، آگاهي ۽ فعال شموليت کي هٿي وٺرائي، هو پنهنجي معاشري جو تحفظ يقيني بڻائي سگهن ٿا، منشيات کان پاڪ معاشري جي تعمير لاءِ هر ماڻهو جو ڪردار اڻٽر آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
30 %
4kmh
97 %
ڇنڇر
21 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
21 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون