- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي معاهدو هلندڙ مهيني ٿي ويندو، هو مختلف شعبا ٽيڪس هڻڻ تي مزاحمت ڪري رهيا آهن، فوج کي پنهنجي سروس اسٽرڪچر ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي، هٿياربند فوج لاءِ پهرين جولاءِ 2025ع کان نئون پينشن نظام شروع ٿي ويندو، آءِ ايم ايف حقيقي آمدني تي ٽيڪس چاهي ٿي جيڪا ڳالهه درست آهي.
قومي اسيمبليءَ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ اجلاس کي آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين تي بريفنگ ڏني.
ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي معاهدو هلندڙ مهيني ٿي ويندو، هو مختلف شعبا ٽيڪس هڻڻ تي مزاحمت ڪري رهيا آهن، فوج کي پنهنجي سروس اسٽرڪچر ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي، هٿياربند فوج لاءِ پهرين جولاءِ 2025ع کان نئون پينشن نظام شروع ٿي ويندو.
هن چيو ته ڪفايت شعاري مهم تحت حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ پنج وزارتون ختم ڪيون وينديون، پي ڊبليو ڊي جي نقصانن سبب انهن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
محمد اورنگزيب چيو ته پينشن قومي خزاني تي بار آهي، هر سال پينشن جي مد ۾ هڪ هزار ارب رپيا ادا ڪيا پيا وڃن، ان کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، بجيٽ ۾ پينشن سڌارا آندا ويا آهن، پيشن لاءِ نيون اسڪيمون متعارف ڪرايون ويون آهن، جنهن تحت نون ملازمن کي رضاڪاراڻي پينشن اسڪيم ڏني ويندي.
ناڻي واري وافاقي وزير چيو ته حڪومت جي خرچن ۾ قرض ۽ وياج جي ادائيگي وڏو خرچ آهي، ترقياتي بجيٽ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏني ويندي- Advertisement -
