تازه ترين

پاڪستان ۽ آذر بائيجان وچ ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آذر بائيجان وچ ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران  گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن بعد مفاهمتي يادداشتن ۽  معاهدن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان ۽ آذر بائيجان وچ ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدن بعد آذربائيجان جي صدر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان  مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهن ٿا. هن چيو ته آذر بائيجان جي صدر ۽ وفد کي هو ڀليڪار ڪن ٿا، ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ڪاٿو 100 ملين ڊالر آهي، جنهن کي هو وڌائڻ چاهن ٿا. ان کان اڳ آذر بائيجان جو صدر  الهام عليوف ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو ته نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ به موجود هئا. آذر بائيجان جو صدر شڪرپڙيان پهچي قومي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، جتي پاڪ فوج جي دستي آذر بائيجان جي صدر کي سلامي پيش ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون