تازه ترين

مهانگائي جي ماريل عوام کي بجليءَ جو زوردار جهٽڪو  ڏيندي بجلي بنيادي ٽيرف ۾ 7 رپيا 12 پيسا في يونٽ تائين اضافو

- Advertisement -
مهانگائي جي ماريل عوام کي بجليءَ جو زوردار جهٽڪو  ڏيندي بجلي بنيادي ٽيرف ۾ 7 رپيا 12 پيسا في يونٽ تائين اضافو ڪيو ويو آهي. نيپرا حڪومتي درخواست تي پنهنجو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت گهريلو واهيپدارن لاءِ بجلي جو في يونٽ بنيادي ٽيرف 48 رپيا 84 پيسن تائين مقرر ڪيو ويو آهي، ماهوار 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهيپدارن لاءِ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ ست رپيا 12 پيسا في يونٽ اضافي سان يونٽ 36 رپيا 89 پيسن جو ٿي ويو آهي. ماهوار 301 کان 400 يونٽن تي ٽيرف 7 رپيا اضافي سان في يونٽ 39 رپيا 15 پيسن جو هوندو، جڏهن ته 401 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙ واهيپدارن لاءِ في يونٽ 6 رپيا 12 پيسا في يونٽ اضافي سان 41 رپيا 36 پيسن جو ٿي ويو آهي. ماهوار 501 کان 600 يونٽ بجلي  استعمال ڪندڙن لاءِ ٽيرف 6 رپيا 12 پيسا اضافي سان 42 رپيا 40 پيسا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي، 601 کان 700 يونٽ تائين بجلي جي ٽيرف ۾ 6 رپيا ٻارهن پيسا اضافي سان 43 رپيا 79 پيسا في يونٽ اگهه مقرر ڪيو  ويو آهي. ماهوار 700 يونٽن کان وڌيڪ بجلي  استعمال ڪندڙ واهپيدارن جو ٽيرف 6 رپيا 12 پيسا اضافي سان 48 رپيا 84 پيسن جو ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون