- Advertisement -
آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستاني اختيارين اسٽال ليول جي معاهدي ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي.
ايوا پيٽرووا جي اڳواڻي ۾ آءِ ايم ايف جي ٽيم 24 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۽ اسلام آباد جو دورو ڪيو، جنهن دوران پاڪستاني اختيارين سان ٻئي جائزي ۽ ريزيليئنس فنڊ تحت پهرين جائزي تي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پروگرام تي عمل حڪومت جي واعدن تحت جاري آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکندي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي مدد ۽ ناڻي جي ذخيرن کي اسٽيٽ بينڪ جي هدف اندر رکڻ لاءِ محتاط مالي پاليسي شامل آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ۽ سرڪاري ادارن جي دائري کي گهٽائڻ سان گڏوگڏ شفافيت ۽ گورننس کي مضبوط ڪرڻ پڻ ڳالهين جو حصو هئا.
آءِ ايم ايف چيو ته رھيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين سان پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري رهنديون.- Advertisement -
