جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته درياءَ مٿان 6 ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش هو ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.
سنڌوءَ مٿان 6 ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم پاران 24 نومبر تي سڪرنڊ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ صنعان خان قريشي شاهپورجهانيان پهتو.
جسقم اڳواڻ ظفر ٻگهيو، امام بخش ڏاهري، اسد ٻگهيو، نذير ڏاهري، صدام سنڌي، مدثر رضا ۽ ٻين جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مٿان گلن جي ورکا ڪري سندس آجيان ڪئي.
ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته درياءَ مٿان ڪئنال ٺهيا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، سنڌ جا ماڻهو ان منصوبي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سندن ساٿ ڏين.
هن چيو ته سنڌ کي غلام بڻائڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مٿان غير قانوني ڪئنال اڏي سنڌ کي ڀڙڀانگ بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ واسي 24 نومبر تي سڪرنڊ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري پنجاب کي ٻڌائن ته سنڌو، سنڌين جو ساهه آهي.
جسقم چيئرمين چيو ته درياءَ مٿان ڪئنال اڏڻ جي صورت ۾ سنڌي سخت مزاحمت ۽ پنجاب جا روڊ هميشه لاءِ بند ڪندا.
درياءَ مٿان 6 ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش هو ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا:صنعان خان قريشي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


