- Advertisement -
آمريڪا لوئر ڪرم ۾ مسافرن تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.
پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان جوناٿن لالي هڪ بيان ۾ چيو ته لوئر ڪرم حملي ۾ بينگاهه ماڻهو قتل ۽ زخمي ٿيا آهن.
هن چيو ته آمريڪا جون همدرديون ۽ تعزيت پنهنجي حياتيون وڃائيندڙ شهرين جي خاندانن سان آهن.
سندس چوڻ هو ته هو زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاگو آهن.
آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان چيو ته پاڪستاني عوام نقصان ۽ خطري کان آزاد زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي روزاني زندگي ۾ محفوظ محسوس ڪرڻ جو حقدار آهي.
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو ثابت قدم ساٿي رهندو ڇو ته پاڪستان پنهنجي سمورن شهرين جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي.
آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان چيو ته هو ڏکي وقت ۾ پاڪستان ۽ ڪي پي جي عوام سان ٻڌي سان گڏ بيٺل آهن……………..- Advertisement -
