- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي فوجداري عدالت تي پابندي جي صدارتي حڪمنامي تي صحي ڪري ڇڏي.
وائيٽ هائوس آمريڪي صدر طرفان عالمي فوجداري عدالت تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته عالمي فوجداري عدالت جي عملدارن، ملازمن ۽ سندن گهرن وارن جا اثاثا منجمند ڪيا ويا آهن.
وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته عالمي فوجداري عدالت عملدارن، ملازمن ۽ سندن گهرن وارن تي سفري پابنديون به لاڳو ڪيون ويون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته عالمي فوجداري عدالت آمريڪا ۽ اسرائيل کي غير منصفاڻي نموني نشانو بڻايو، فوجداري عدالت نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي.- Advertisement -
