ايراني حڪومت قافلي جي سالار اطهر شاهه شمسي کي ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو، داخلا تي پابندي

- Advertisement -
ايران جي شهر يزد ۾پاڪستاني  پانڌيئڙن جي بس کي پيش آيل حادثي بعد ايراني حڪومت حادثي جو شڪار قافلي جي سالار سيد اطهر شاهه شمسي کي ڊي پورٽ ڪري مٿس ايران ۾ داخلي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته  اطهر حسين شمسي جو ٽور آپريٽر لائسنس به معطل ٿيڻ جو امڪان آهي. ايران جي شهر يزد ۾ سنڌ اوسي پانڌيئڙن جي بس کي پيش آيل حادثي بعد ايراني اختيارين حادثي جو شڪار قافلي جي سالار سيد اطهر حسين شمسي کي سي 130 جهاز ۾ ويهاري پاڪستان ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو. سالار سيد اطهر حسين شمسي جو ٽور آپريٽر لائسنس به معطل ٿيڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي. بس حادثي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن قافلي جي  سالار اطهر حسين شاهه شمسي تي  پانڌيئڙن کي خراب گاڏي ۾ عراق اربعين تي وٺي وڃڻ جو الزام لڳايو هو. بس حادثي ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمين جي وارثن اطهر حسين شاهه شمي خلاف ڪارروائي جو پڻ مطالبو ڪيو هو . ايران جي پرڏيهي کاتي ايران ۾ پاڪستاني سفير کي اهڙن ٽوئر آپريٽرز جا لائسنس معطل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
40%
3.7m/s
0%
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون