- Advertisement -
اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ٻئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪري غزا ۽ خطي جي موجودگي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ وائيٽ هائوس پهتو.
ان موقعي تي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو غزا کي خريد نه پيا ڪن، غز ا کي آمريڪي انتظاميا جي ماتحت وٺندا.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل سان اولهندي ڪناري جو الحاق به ٿيندو، اردن ۽ مصر ۾ ڪجهه حصا اهڙا آهن جتي فلسطيني حفاظت سان رهي سگهن ٿا، 99 سيڪڙو اميد آهي مصر سان گڏجي حل ڪڍي وٺندا.
ٻئي طرف شاهه عبدالله جو چوڻ هو ته هو خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهن، ٽرمپ جي حمايت انهيءَ مقصد جي حاصلات لاءِ ڪندا، کين اهو ڪرڻو آهي جيڪو سندن ۽ سڀني جي مفاد ۾ هوندو، کين هاڻ مصر طرفان ايندڙ منصوبي جو انتظار آهي.
آمريڪي صدر سان ملاقات بعد اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ٽرمپ سان ملاقات ۾ غزا مان فلسطينين جي لڏپلاڻ کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو، ٻه رياستي حل جي بنياد تي امن حاصل ڪرڻ ئي علائقائي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو رستو آهي.- Advertisement -
