مهاجر قومي مومينٽ جو چيئرمين آفاق احمد ٽرڪون ساڙائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار

- Advertisement -
مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي ٽرڪون ساڙائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب پوليس ڊفينس واري علائقي مان آفاق احمد کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس مهاجر قومي مومينٽ جي چيئرمين کي حراست ۾ وٺڻ بعد ڪورنگي ٿاڻي تي منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته آفاق احمد جي چُرچ تي گاڏيون ساڙيون ويون، ان حوالي سان سندس گرفتاري عمل ۾ آندي وئي. پوليس موجب آفاق احمد کي حراست ۾ وٺڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي. هوڏانهن ڪورنگي ۾ گذريل ڏينهن ٽرڪ ساڙڻ واري واقعي جو ڪيس عوامي ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور فريد خان جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جي شقون به شامل ڪيون ويون آهن. ڪيس ۾ مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد سميت علائقي جي 15 کان 20 اڻسڃاتل ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33%
3.9m/s
59%
اڱارو
21 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون