تازه ترين

وفاقي ڪابينا، ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وفاقي ڪابينا، ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

وفاقي ڪابينا جو اجلاس نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.

ڪابينا نگران وزيراعظم انوارالحق کي نادرا چيئرمين جي مقرريءَ لاءِ موڪليل ٽن نالن تي غور ڪيو، جنهن بعد ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي ايڇ ڪيو ۾ آءِ جي ڪميونيڪيشن ۽ آءِ ٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

نادرا  ضابطن ۾ ترميم ذريعي حاضر سروس فوجي آفيسر کي نادرا چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر پاڪستان آرمي ۽ گڏيل قومن جي مشن ۾ آءِ ٽي بابت وسيع تجربو رکي ٿو. اجلاس دوران سمٽ بئنڪ ليمٽيڊ جو نالو مڪرمه لميٽيڊ رکڻ جي به منظوري ڏني.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
2.2kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون