- Advertisement -
اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي جي سربراهه 7 آڪٽوبر جا حملا روڪڻ ۾ ناڪاميءَ جي ذميواري قبول ڪندي استعيفى ڏئي ڇڏي.
مستعفي ميجر جنرل اهرن هاليوا 7 آڪٽوبر جي واقعن جي رياستي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي جي نئين سربراهه ميجر جنرل شيلومي هوندو، سندس چوڻ آهي ته يرغمالين جي آزادي هن جي ترجيح هوندي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ۾ اهي تبديلون اهڙي وقت آيون آهن جڏهن اسرائيل تي ايران جي حملي جو خطرو وڌي رهيو آهي.
ٻئي پاسي وچ اوڀر ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ امريڪي جهاز بردار يو ايس ايس ابراهام لنڪن وچ اوڀر پهچي ويو آهي جڏهن ته يو ايس ايس ٿيوڊور روز ويلٽ اڳ ئي وچ اوڀر ۾ موجود آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حماس جي ويڙهاڪن جي ڳولا لاءِ فلسطينين کي انساني ڍال بڻايو پيوو ڃي.- Advertisement -
