- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منيراڪرم چيو آهي ته پائيدار امن لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار حل ٿيڻ گهرجن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ امن جي قيام ۽ فروغ تي بحث کي خطاب ڪندي هـُن تڪرارن جي حل لاءِ علائقائي ۽ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن چيو ته دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي سبب تڪرار وڌي رهيا آهن، عالمي حڪمت عمليون گهڻي حد تائين ناقص، غيرموثر ۽ غير اطمينان بخش رهيون آهن.
منير اڪرم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ پرڏيهي قبضي جا نتيجا واضح آهن.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي زور ڏنو ته سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي واري جنگ کي روڪرائي
هن چيو ته پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ مقامي ماڻهن جي سهڪار، مدد ۽ شموليت سبب ڪامياب ٿي آهي، اميد آهي ته ڪائونسل ۾ ٿيندڙ بحث سان سوچ جو نئون رخ پيدا ٿيندو.- Advertisement -
