تازه ترين

اسرائيل ۽ فلسطين ۾ نئين جنگ شروع، هزارين راڪيٽ فائر

- Advertisement -
اسرائيل ۽ فلسطين ۾ نئين جنگ شروع ٿي وئي آهي، غزه کان اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪيا ويا، اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته راڪيٽ حملن ۾ هڪ اسرائيلي عورت سميت چار ڄڻا مارجي ويا. اسرائيل ۽ فلسطين ۾ نئين جنگ شروع ٿي وئي آهي. غزه کان اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪيا ويا. اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته راڪيٽ حملن ۾ هڪ اسرائيلي عورت سميت چار ڄڻا مارجي ويا. غزا جي پٽيءَ مان راڪيٽ حملن بعد تل ابيب سميت سڄي اسرائيل ۾ جنگ جا سائرن وڄي ويا. حماس دعويٰ ڪئي آه يته اسرائيل تي پنج هزار کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اسرائيل جا وڪڙ ۾ اچي ويا. حماس جي ليڊر محمد دائف جو چوڻ آهي ته هن اهو چوڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ها بس گهڻو ٿي ويو، جلد آزاد بيت المقدس ۾ ملاقات ٿيندي. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جنگي حالتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسرائيل جي بچاءَ واري وزير اضافي فوج طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي صدارت هيٺ ملٽري هيڊ ڪوارٽرز ۾ هنگامي اجلاس جاري آهي. اسرائيل 2007ع کان غزه جو گهيرو ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون