تازه ترين

عام چونڊون وقت تي ٿينديون، افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي : مدد علي سنڌي

- Advertisement -
تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي، 16 آڪٽوبر تي تعليم کاتي جي عملدارن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، هو اجلاس ۾ سنڌ جي سيڪريٽري کي ڀٽ شاهه اسڪول جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندو، سنڌ جي يونيورسٽين جي مالي مسئلن کي حل ڪيو ويندو. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڀٽ شاهه پهچي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. تعليم واري نگران وفاقي وزير، شاهه جو راڳ ٻڌو ۽ مزار جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. مدد علي سنڌي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ شاهه لطيف ميوزيم جو به دورو ڪيو. تعليم واري نگران وفاقي وزير، مهان قوي شيخ اياز، مير عبدالحسين سانگي ۽ آغا سليم جي آخري آرامگاهن تي فاتحه خواني ڪري دعا گهري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي، 16 آڪٽوبر تي تعليم کاتي جي عملدارن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، هو اجلاس ۾ سنڌ جي سيڪريٽري کي ڀٽ شاهه اسڪول جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندو، سنڌ جي يونيورسٽين جي مالي مسئلن کي حل ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
25 %
2kmh
30 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون