تازه ترين

اسلام آباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو محفوظ محرم خاص ايپ تيار

- Advertisement -
اسلام آباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو محفوظ محرم جي نالي سان خاص ايپ تيار ڪئي وئي آهي. سمورين امام بارگاهن، اجتماعن ۽ جلوسن جي هنڌن جي جيو ٽيگنگ مڪمل ڪري ڊرون ذريعي ڊجيٽل نگراني ڪئي ويندي. محسن نقوي جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو. محفوظ محرم خاص ايپ ذريعي شهري شڪي شخص، شڪي سرگرمين يا نامڪمل حفاظتي انتظامن جا اطلاع ڏئي سگهندا. ايپ ۾ لائيو لوڪيشن ۽ تصوير شيئرنگ جي سهولت پڻ موجود هوندي، سيف سٽي ۾ مرڪزي ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان جامع ٽريفڪ پلان تي عمل ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. گهرو وزير اجتماعن ۽ جلوسن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي، لاڳاپيل آفيسرن کي فيلڊ ۾ موجود رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اهلڪارن جي کاڌي پيتي جي معياري انتظامن کي وقت تي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪندي چيو ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ عالمن سان ويجها رابطا رکيا وڃن، ضابطه اخلاق جي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ چڙ ڏياريندڙ مواد خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
57 %
3.3kmh
35 %
خميس
23 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون