تازه ترين

سعودي عرب سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڀائيواري جاري آهي، سعوديءَ هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته  سعودي عرب سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڀائيواري جاري آهي، سعوديءَ هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هلندڙ مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري تي اڳڀرائيءَ  جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هلندڙ مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو ويجهو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته سعودي عرب سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڀائيواري جاري آهي، پاڪستان پنهنجي ڀاءُ سعودي عرب سان سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي نومبر ۾ ڪوٺايل پاڪستان سعودي عرب جوائنٽ ٽاسڪ فورس جي ٻئي اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مختصر عرصي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾  34 مفاهمتي يادداشتن تي صحيون ٿيو، جنهن ۾ ستن کي معاهدن جي شڪل ڏني وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22 ° C
22 °
22 °
64 %
2.9kmh
66 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
25 °
آچر
28 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون