تازه ترين

اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اندروني معاملن کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي: مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اندروني معاملن کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جي يو آءِ ڪنهن سياسي اتحاد کانسواءِ پنهنجي تحريڪ پاڻ هلائيندي، ويجهڙائي ۾ سياسي اتحادين جا تجربا سٺا نه رهيا آهن،  سياست ۾ جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، ملڪ ۾  سياسي عدم استحڪام جا اٿر معيشيت تي پئجي رهيا آهن. ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اندروني معاملن کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، اپوزيشن جو ڪردار پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر ادا ڪندا سين. سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ ڪنهن سياسي اتحاد کانسواءِ پنهنجي تحريڪ پاڻ هلائيندي، ويجهڙائي ۾ سياسي اتحادين جا تجربا سٺا نه رهيا آهن. جي يو آءِ سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته   سياست ۾ جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، ملڪ ۾  سياسي عدم استحڪام جا اٿر معيشيت تي پئجي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن کين سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي ضمانت ڏني وڃي ته کين پنهنجي شڪست تي ڪو به اعتراض نه هوندو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته کين سڄي ملڪ جي چونڊ نتيجن تي اعتراض آهي، اسان کي موجوده حڪومت سان ڳالهين تي ڪو به اعتراض ناهي، پر هنن وٽ اختيار ناهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن رياست ئي غير مستحڪم ٿي وڃي ته بنگلاديش جهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون، هو بنگلاديش جهڙين حالتن ۾ وڃڻ نٿا چاهين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
32 %
0.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون