تازه ترين

بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن,ڊي سي پنجگور جي شھادت ۾ ملوث بي ايل اي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران  3 دهشتگرد مارجي ويا ۽  2 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سڪيورٽي فورسز مستونگ ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن پنجگور ۾ شهيد ٿي ويل ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر علي جي شهاد جي پلاند ۾ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  بي ايل اي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر  جو چوڻ آهي ته  مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪاررواين  ۽ ڊي سي پنجگور جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب   سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين سان واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
32 %
0.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون