- Advertisement -
اسٽيٽ بئنڪ مسلسل چوٿون ڀيرو وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسٽيٽ بئنڪ طرفان نئين مانيٽري پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو.
مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ 27 آڪٽوبر 2025ع تي ٿيل اجلاس ۾ وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اڳ ئي اشارو ڏنو هو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي، ڇاڪاڻ ته غير يقيني صورتحال ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ان فيصلي تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.- Advertisement -
