تازه ترين

سينيٽ پيڪا ترميمي بل ۽ ڊجيٽل نيشنل بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سينيٽ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ۽ ڊجيٽل نيشن بل  منظور ڪري ورتا، مخالف ڌر ۽ صحافين احتجاج ڪندي نعريباز ڪئي. سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير پيڪا ترميمي بل جي منظوريءَ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کي مخالف ڌر ۽ ميڊيا تنظيمن جي سخت مخالفت باوجود ايوان اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو. بل جي منظوري بعد مخالف ڌر جي ميمبر احتجاج ڪندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جڏهن ته صحافين به پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. مخالف ڌر چيئرمين جي ڊائس آڏو سخت نعريبازي  ڪري گوڙ ڪيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته بل جو تعلق اخبار يا ٽي وي سان ناهي، رڳو سوشل ميڊيا کي ڊيل ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافين جو بل ۾ ڪو به معاملو ناهي، بل قرآني صحيفو ناهي، ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. راڻا تنوير چيو ته شبلي فراز تقريبن ان بل کي سپورٽ ڪيو آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته قانونساي سندن ڪم آهي، پر قانون بنا صلاح مشوري پاس ڪرايا  پيا وڃن. هن چيو ته  معاملو بل جي استعمال جو آهي، پيڪا جو هڪ مقصد  هڪ سياسي پارٽيءَ کي ٽارگيٽ ڪرڻ آهي، حڪومت قانون سڌارن نه پر سزا لاءِ پاس ڪرايو آهي. ايَ اين پي ميمبرن احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ايمل ولي خان چيو ته پيڪا ايڪٽ ذريعي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي پئي وڃي، ميڊيا سان صلاح مشورا نه ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
53 %
2kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون