اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو، هاڻي عام چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿينديون:مرتضيٰ سولنگي

spot_img
- Advertisement -

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو، هاڻي عام چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿينديون، سمورا وسيلا موجود آهن، اليڪشن  ڪميشن جڏهن به چوندي هو چونڊون ڪرائيندا، چونڊن ۾ دير جو ڪو سبب نظر نه پيو اچي، بجيٽ ۾ اليڪشن لاءِ پيسا موجود آهن.

اسلام آباد ۾ فواد حسن فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيوته اليڪشن ڪميشن جي اعلان تي هو خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو.

هن چيو ته اليڪشن  ڪميشن واحد ادارو آهي، جنهن کي صاف شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ڪرائڻيون آهن.

مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو، هاڻي عام چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿينديون.

نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊ مهم لاءِ 54 ڏينهن ڏيڻا آهن، قطعي تاريخ جي اعلان جو اختيار به اليڪشن ڪميش وٽ آهي.

مرتضيٰ سولنگي چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر موقعا حاصل هجن. هن چيو ته هو پنهنجي رياست جي پوري طاقت سان اليڪشن ڪميشن جي پويان بيٺا آهن، چونڊن ۾ دير جو ڪو سبب نظر نه پيو اچي، بجيٽ ۾ اليڪشن لاءِ پيسا موجود آهن، ڪنهن به قسم جو مسئلو ناهي، چونڊون ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا موجود آهن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون