سپريم ڪورٽ جي نيب ۾ ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ نيب ڪيس بحال

spot_img
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ جي نيب ۾ ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ سنڌ جي احتساب عدالتن ۾ ڪرپشن ريفرنس نيب پاران پھچائي ڇڏيا، جنهن بعد سمورا ريفرنس احتساب عدالتن ڏانهن منتقل ٿي ويا.

نيب پاران سمورن اهم ڪيسن جو رڪارڊ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

عدالتي عملي جو چوڻ آهي ته ريفرنسن جا دستاويز ملي ويا آهن عدالتون جلد جوابدارن ڏانهن نوٽس جاري ڪنديون.

ڪراچي،  حيدرآباد ۽ سکر جي نيب عدالتن ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي،اڳوڻي وفاقي وزير پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ،  اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، اڳوڻي صوبائي شرجيل انعام ميمڻ،  اڳوڻي صوبائي وزير  سيد اويس شاھ، اڳوڻي  وفاقي وزير اعجاز جکراڻي،  اڳوڻي صوبائي وزير سھيل انور سيال،  اڳوڻي صوبائي وزير ضياء لنجھار، اڳوڻي صوبائي وزير محمد بخش مھر، ايم اين اي رميش لال،   ايم پي اي سردار چانڊيو، برھان چانڊيو، ايم ڪيو ايم اڳواڻ  رئوف صديقي، اڳوڻي  سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين جا ريفرنس منتقل ڪيا پيا وڃن. ريفرنسن ۾ اڳوڻو تعليم کاتي وارو سيڪريٽري اڪبر لغاري.  پي ايس او جي اڳوڻي سيڪريٽري ارشد مرزا،  اڳوڻي چيئرمين اسٽيل ملز معين آفتاب شيخ، اڳوڻي سيڪريٽري بلديات علي احمد لنڊ،  اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ناصر عباس، اڳوڻي سيڪريٽري  جميل احمد مينڌري ـ اڳوڻو  ڊي سي ملير مصطفي جمال قاضي، سنڌ سماءَ کاتي جا آفيسر يوسف ڪابري، گلزار علي، الطاف حسين ميمڻ، ذوالفقار علي شلواني، سلمان منصور ۽ ٻين جوابدارن جا ريفرنس شامل آهن..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون