- Advertisement -
عمر ڪوٽ ويجهو ڇريون هڻي قتل ڪيل پيرسن جو قاتل سندس پٽ نڪتو.
ٽي ڏينهن اڳ قتل ٿيل پيرسن خليفي احمد راڄڙ جو قاتل سندس پٽ يوسف راڄڙ نڪتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جوابدار يوسف راڄڙ پنهنجي والد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ملڪيت جي تڪرار تان پيرسن والد کي قتل ڪيو.
پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار يوسف راڄڙ کي رمانڊ لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن مقتول احمد راڄڙ جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
