تازه ترين

ايراني اختيارين اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي

- Advertisement -
ايراني اختيارين اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي. رائٽرز موجب ايراني سڪيورٽي ذريعن جنهن جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي ايران جي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، ان ڳالهه جو مڪمل يقين آهي ته جيڪو ٿيو اهو هڪ حادثو هو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو هيلي ڪاپٽر خراب موسم سبب ڪِري تباهه ٿيو، حادثي جي جاچ دوران حملي جو ڪوبه شاهد نه مليو آهي. ذريعن وڌيڪ چيو ته موسمي حالتون مناسب نه هيون ۽ هيلي ڪاپٽر وزن نه سنڀالي سگهيو جنهن سبب اهو پهاڙي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. جاچ مان خبر پوي ٿي ته هيلي ڪاپٽر ۾ گنجائش کان 2 وڌيڪ ماڻهو سوار هئا. واضح رهي ته ابراهيم رئيسي هلندڙ سال مئي ۾ آذربائيجان جي سرحد ويجهو پهاڙي علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿي ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون