ايشيا ڪپ ٽي-20: پاڪستان اڄ عمان سان ٽڪرائيندو

0
139

ايشيا ڪپ ٽي-20: پاڪستان اڄ عمان سان ٽڪرائيندو

دبئي ۾ ايشيا ڪپ ٽي-20 جو چوٿون مقابلو اڄ پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

پاڪستان لاءِ ٽورنامينٽ جي شروعات ڀرپور سمجهي پئي وڃي، ڇو ته سامهون ايندڙ حريف پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ ۾ شامل ٿيو آهي. عمان جي ٽيم گذريل سال کان ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، جن ۾ رانديگرن سان معاوضي جا تڪرار به شامل رهيا. ان دوران ڪيترائي اهم رانديگر ٽيم جو حصو نه رهيا، ۽ هاڻي اڌ کان وڌيڪ رانديگر نوان آهن.

پاڪستان ٽيم تازو ئي افغانستان ۽ يو اي اي خلاف ٽرائي سيريز کٽي اچي رهي آهي، جنهن سان رانديگرن جو مورال بلند آهي. دبئي ۾ اڄ جو مقابلو پاڪستان لاءِ انڊيا خلاف ايندڙ وڏي مقابلي کان اڳ هڪ اهم مشق وارو ميچ به آهي.

ماهرن موجب دبئي جون پچون اسپن بالرن لاءِ مددگار هونديون، ۽ اميد آهي ته پاڪستان ٽيم ٻن رسٽ اسپنرن سان به آزماءش ڪري سگهي ٿي.

پر ساڳي وقت پاڪستان کي اهو به ياد رکڻو پوندو ته گذريل ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا جهڙي نئين ٽيم خلاف هار، ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ جو سبب بڻي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here