سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ايف بي آر سنڌ جي صنعتي ادارن کان 22 ارب رپيا اوڳاڙي چڪي آهي، هنن رقم جي اوڳاڙي جو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو ته کين اها رقم جلد رليز ڪئي وڃي، هن رقم کي مزدورن جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪيو ويندو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ سنڌ روينيو بورڊ جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايس آر بي چيئرمين واصف ميمڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته ايس آر بي ورڪرز ويلفيئر ۽ پارٽيسيپيشن فنڊ 52 سئو صنعتن ڪارن کي جاري ڪيا ويا، ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ سنڌ روينيو بورڊ 7 ڏهائي 562 ارب جي رڪوري ڪئي، هن سال روينيو بورڊ جي ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ اوڳاڙي گذريل سال کان 35 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته گذريل سال ايس بي آر 5 ڏهائي 4 ارب رپين جي اوڳاڙي ڪئي هئي، گذريل سال سنڌ روينيو بورڊ 296 صنعتي ادارن کان اوڳاڙي ڪئي جڏهن ته هن سال 527 صنعتي ادارن کان اوڳاڙي ڪئي آهي جيڪا 58 سيڪڙو جي اضافي شرح کي ظاهر ڪري ٿي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته ورڪر ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ ايس بي آر 40 ارب رپين جي اوڳاڙي لاءِ 267 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، 40 ارب جي اوڳاڙي خلاف صنعتي ادارن سنڌ هائيڪورٽ جي ناظر وٽ 6 ڏهائي هڪ ارب رپيا جمع ڪرايا.
نگران وڏي وزير، ايڊووڪيٽ جنرل کي مختلف مد ۾ جمع ڪيل 31 ارب رپين جي اوڳاڙي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
80 ادارن سان بينڪ ذريعي اوڳاڙي جي اسسمينٽ آرڊر پاس ڪيو ويو آهي.
نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ت ورڪر ويلفيئر ۽ ورڪر پارٽي سيپيشن جي اوڳاڙي لاءِ ايس آر بي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي، هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 6 ڏهائي 3 ارب جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته 6 مهينن دوران ايس آر بي 6 ڏهائي 3 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 7 ڏهائي 652 ارب رپيا اوڳاڙي ڪيا، وڏي وزير جي ذاتي دلچسپي کانسواءِ ايڏي وڏي ڪاميابي ممڪن نه هئي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ايف بي آر سنڌ جي صنعتي ادارن کان 22 ارب رپيا اوڳاڙي چڪي آهي، هنن رقم جي اوڳاڙي جو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو ته کين اها رقم جلد رليز ڪئي وڃي، هن رقم کي مزدورن جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪيو ويندو