- Advertisement -
جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي 23 سيپٽمبر تي سنڌو درياءُ جي ڪنارن تي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي، سندس چوڻ آهي ته 23 سيپٽمبر تي سنڌو درياءُ جي ڪنارن تي جسقم ڪارڪن گڏ ٿي سنڌو درياءُ ۾ گل نڇاور ڪندا ۽ احتجاج رڪارڊ ڪندا ته سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم قبول ناهي.
جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته سنڌو درياھ جي پاڻي لاءِ هر جدوجهد ۽ هر کڄندڙ وک جي حمايت ڪريا ٿو، 19 سيپٽمبر تي ٿيندڙ مظاھرن جي هو حمايت ڪن ٿا، مظاھرن ۾ جسقم ڪارڪن ڀرپور شرڪندا.
هن چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آهي، تنهن ڪري سنڌو درياءُ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۽ کڄندڙ هر وک جي هو حمايت ڪن ٿا.
جسقم چيئرمين چيو ته پاڻي ورڇ جي اداري ارسا ۾ ترميمون سنڌ کي ملندڙ پاڻي لاءِ نقصان ڪار آهي، پاڻي جي ٿيل معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته ارسا کي 1991ع پاڻي ٺاھ موجب سنڌ کي پاڻي ڏيڻ گهرجي.
صنعان خان قريشي چيو ته سنڌو درياھ جي لهرن ۾ سنڌ جو ساھ سمايل آهي جيڪڏهن سنڌو درياءُ جون لهرون رُڪجي ويو ته سنڌ تباھ ٿي ويندي، تنهن ڪري سنڌو درياءُ جي پاڻي واري سوال تي خاموشي اختيار نٿي ڪري سگهجي.
جسقم چيئرمين چيو ته سنڌو درياھ جي پاڻي لاءِ مزاحمت ۽ جدوجهد ڪئي ويندي، سنڌو مٿان ڪو به ڊيم برداشت نه ڪيو ويندو.- Advertisement -
