- Advertisement -
پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اڍائي سالن کانپوءِ پريا ڪماري ڇو ياد آئي آهي، ٻيا ماڻهو به اغوا ٿيل آهن، رڳو پريا ڪماري جي ڳالهه ڇو ڪئي پئي وڃي؟ جلسن ۽ جلوسن سان حڪومتون ختم نه ٿينديون آهن، مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ آئيني ڪردار ادا ڪري ته پريشاني ٿي سگهي ٿي، آءِ ايم ايف جو قرض عارضي حل هوندو، مستقل بنيادن تي معاشي حل ڪڍڻو پوندو.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته پ پ چونڊ منشور ۾ 3 سئو يونٽ فري ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، هو ماڻهن کي سولر پليٽون ڏنيون وينديون، پر ان ۾ ٿورو وقت لڳندو.
هن چيو ته اڍائي سالن کانپوءِ پريا ڪماري ڇو ياد آئي آهي، ٻيا ماڻهو به اغوا ٿيل آهن، رڳو پريا ڪماري جي ڳالهه ڇو ڪئي پئي وڃي؟
خورشيد شاهه چيو ته جلسن ۽ جلوسن سان حڪومتون ختم نه ٿينديون آهن، مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ آئيني ڪردار ادا ڪري ته پريشاني ٿي سگهي ٿي، هنن پي ٽي آءِ حڪومت جو آئيني طريقي سان خاتمو ڪيو.
پ پ اڳواڻ چيو ته آءِ ايم ايف جو قرض عارضي حل هوندو، مستقل بنيادن تي معاشي حل ڪڍڻو پوندو.
سيد خورشيد شاهه چيو ته سنڌ جي شهرن ۾ صحت جا مسئلا گهڻا آهن، صحت کاتي ۾ گهڻي ڪرپشن سبب مسئلا به وڌيڪ آهن، سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪيو ويندو……………- Advertisement -
