تازه ترين

آمريڪا جي اتر اوڀر وارين رياستن ۾ 4 ڏهائي 8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

- Advertisement -
آمريڪا جي اتر اوڀر وارين رياستن ۾ 4 ڏهائي 8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ايندڙ هفتي 3 يا ان کان وڌيڪ شدت جي هڪ وڌيڪ زلزلي جو  پڻ 46 سيڪڙو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. آمريڪي نشرياتي اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جمعي  ڏينهن صبح جو ڏهه لڳي 23 منٽن تي بوسٽن کان بالٽي مور تائين زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. نيويارڪ شهر ۾ ٽيهن سيڪنڊن تائين زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب وڏيون وڏيون عمارتون به لڏي ويون، پر ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو، جڏهن ته علائقي ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام رڪجي ويو. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز نيويارڪ شهر کان 25 ميل پري پِنسَلوِينيا  جي علائقي ايلن ٽائون کان 40 ميل پري هو، اهو نيو جرسي ۾ وائٽ هائوس اسٽيشن جي اتر وارو علائقو آهي. رپورٽ موجب جمعي ڏينهن آيل زلزلو اتر اوڀر آمريڪا ۾ غير معمولي آهي، گذريل 75 ورهين دوران نيويارڪ جي ميٽروپوليٽن ريجن ۾ اهو ٽيون وڏو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. نيويارڪ ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ موجود شهرين سماجي رابطن واري ويب سائٽن تي ردعمل ڏنو ۽ ماڻهن ۾ زلزلي سبب پيدا ٿيل خوف کان به آگاهي ڏني. نيشنل سونامي وارننگ سينيٽر موجب زلزلي بعد اوڀر واري سمنڊ تي سونامي جو ڪو به خطرو ناهي. هوڏانهن نيو جرسي ۾ صبح يارنهن لڳي ويهن منٽن تي 2 ڏهائي ٻڙي شدت جا زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيو يارڪ شهر سمنڊ جي سطح کان مٿي هو پر هاڻي سمنڊ جي سطح وڌندي پئي وڃي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ايندڙ هفتي 3 يا ان کان وڌيڪ شدت جي هڪ وڌيڪ زلزلي جا 46 سيڪڙو امڪان آهن. وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرين جين پيري چيو ته صدر جوبائيڊن کي زلزلي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ زلزلي جي اثرن جي نگراني ڪندڙ عهديدارن سان هو مسلسل رابطي ۾ آهن. نيويارڪ شهر جي ايمرجنسي موبائل فونن تي الرٽ جاري ڪندي خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو ته شهري معمول جون سرگرميون جاري رکي سگهن ٿا………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون