پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي چيو آهي ته ساگر ڪمار سميت سمورا مغوي ڀنگ عيوض بازياب ٿيا آهن.
ڪشمور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبير علي بجاراڻي چيو ته ساگر ڪمار، مکي جڳديش ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ سميت سمورا مغوي ڀنگ عيوض آزاد ٿيا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن پوليس مقابلا ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو آهي ته ڏوهاري ظاهر ڇو ناهن ڪيا ويا ؟
اڳوڻي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي جو چوڻ هو ته هن هميشه مظلوم ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي، هو پهرين ڏينهن کان رينجرز ۽ پوليس جي ڪچي ۾ آپريشن جي حمايت ڪري رهيو آهي. شبير علي بجاراڻي وڌيڪ چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ ڪنهن به پ پ اڳواڻ سان ڪي اختلاف نه آهن.
