- Advertisement -
باڊهه ويجهو جوابدار بندوق جا فائر ڪري ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ خير محمد جهتيال ۾ جوابدر عبدالقدير ڍڪڻ بندوق جا فائر ڪري ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
عورت جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
