- Advertisement -
ڇاڇرو ويجهو نوجوان ۽ ناري جو کوھ مان لاش هٿ آيو.
ڳوٺ ڪانڪيو ۾ نوجوان ڪيول ڪولهي ۽ ناري ڀاڳو ڪولهي جو کوهه مان لاش هٿ آيو.
ڳوٺاڻن جي اطلاع تي مبارڪ رند پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش ڪڍرائي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ناري پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان آپگهات ڪيو آهي، جنهن جي ڪجهه ڏينهن بعد شادي رٿيل هئي، آپگهات ڪندڙ ٻئي ڄڻا رشتي ۾ سئوٽ آهن.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
