تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران ست دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي

- Advertisement -
بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران ست دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي بنون ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار، گوليون ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ٽن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ضلع آواران ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي هاءِ ويليو گهربل دهشتگردن جي نياز عرف گهمن ۽ ظريف عرف شاهجهان طور سڃاڻپ ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. آءِ ايس پي آر موجب، ڊيرا بگٽي ضلعي ۾ هڪ ٻئي آپريشن ۾ هڪ دهشتگرد ماريو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪيچ ضلعي ۾ ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي روڪڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
31 %
1kmh
93 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون